اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب 16 جنوري کان پيٽروليم شين جا اگهه وڌي سگهن ٿا، جنهن لاءِ سفارشون اوگرا پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا جي سفارشن تحت پيٽرول 11 رپيا 95 پئسا ۽ ڊيزل به 9 رپيا 57 پئسا في ليٽر تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندي.