کوسڪي ۾ رورل هيلٿ سينٽر ۾ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج

کوسڪي ( ن ع آ ) کوسڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي  پاران کوسڪي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ھٿراڌو دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي اڻ ڍنگي رويي جي خلاف ميان خان کوسو،  عبدالستار ٻرڙو،  ايوب ڀٽي، حاجي ملاح جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن سان گڏ کوسڪي شھر جي مين چوڪ تي بک ھڙتال ڪئي وئي جنهن ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته رورل ھيلٿ سينٽر   کان آءِ  ايڇ ايس جي حوالي ٿي آهي، تڏنھن  کان دوائن جي ھٿرادو کوٽ ڊاڪٽر ۽ عملي جي لاپرواھي جي ڪري ھتان جي عوام کي به رليف نه پيو ڏنو وڃي جڏنھن  ته ليڊي ڊاڪٽر ايلٽراسائونڊ  ايڪسري مشين جي کوٽ سان گڏ ايمبولنس به ناهي اربين روپيا بجٽ اچڻ کان پو به اسپتال کي ايم ايس رورل هيلٿ سينٽر کي کنڊر بڻايو، سنڌ حڪومت نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.