نائيجر ۾مقرر سفير جي انٽرپرينرشپ جي وزير سان ملاقات

اسلام آباد( پ ر ) نائيجريا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي ، نيامي ۾ يوٿ انٽرپرينرشپ جي وزير سان ملاقات ڪئي.نائجير جي وزير بوريميا سليمان ملاقات ڪرڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا،ان موقعي تي نائيجر جي ٻوڏ متاثر عوام جي مدد ڪرڻ تي وزير خاص ذڪر ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جي صدر ۽ وزير اعظم پاران ٿورا مڃيا. وزير چيو ته هو پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو شڪريو ادا ڪن ٿا،جنهن نوجوانن لاءِ اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو هو.هن چيو ته اسان ٽاپ ٽين ميل ۽ فيمليز انٽرپرينئرز جي لسٽ تيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪي پاڪستان جو دورو ڪندا. هن چيو ته هو پاڻ وفد جي اڳواڻي ڪندو ۽ هي ڪوشش به ڪندو ته دوري دوران وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهجي. پاڪستان جي سفير، وزير جا ٿورا مڃيا، جيڪو نوجوان ڪاروبارين جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو.. سفير ويهن ميمبرن تي ٻڌل وفد پاران پاڪستان جي دوري ڪرڻ جو آڌرڀاءَ ڪيو،هن وزير اعظم جي يوٿ اسڪل ڊيولپمنٽ پروگرام ۽ سميڊا جو ذڪر ڪيو.هن پاڪستان جي حڪومت جي ڪردار ۽ صوبائي حڪومتن جي تربيتي پروگرام ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ننڍن قرضن جوبه خاص ذڪر ڪيو. سفير ، وزير کي اجرڪ مفلر سوويئر سوکڙي طور پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.