نندو ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪاره، 35 سالن کان مرمت نه ٿي، خلق پريشان

نندو ( رپورٽ:  حنيف انصاري ) نندو جي ويھه هزار کان مٿي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي سپلائي ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ بدين طرفان ٺهيل واٽر سپلائي اسڪيم 35 سال گذرڻ بعد ٻيهر مرمت نه ٿيڻ ڪري مڪمل طرح ناڪاره بنجي ويو آھي، جنهن جي ڪري اڪثر پاڙن  جا رهواسي واٽر سپلائي جي پاڻي کان مڪمل طرح محروم آھن، روزانه عوامي آواز جي ڪيل سروي ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب ته 1985 ع ۾ پبلڪ هيلٿ بدين طرفان نندو جي پنج هزار رهواسين لاءِ ٺھرايل واٽر سپلائي اسڪيم 35 سالن جو عرصو گذرڻ جي باوجود ٻيهر مرمت نه ٿيڻ سبب مڪمل طرح تباهه ٿي وئي، جنهن جي ڪري پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٺھرايل تلائن ، محلن ۾ ويندڙ پائيپ لائين ۽ پاڻي سپلائي ڪرڻ لاءِ رکيل موٽر هن وقت ناڪاره بنيل آھن، جنهن جي ڪري اڪٽر محلن جا رهواسي واٽر سپلائي پاڻي کان مڪمل محروم آُھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.