جهوڪ شريف گندگي جي ور چڙهيل، انتظاميا آراميٰ

جهوڪ شريف (رپورٽ: محبوب علي جلالاڻي) تاريخي شهر جهوڪ شريف ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب مسئلن جي ور چڙھيل,شهر جو ڊرينيج نظام تباھ ,گٽرن جي گندي پاڻي جي ڪري مختلف بيمارين مليريا,هيپاٽائٽس۽ ٻين بيمارين ۾ اضافو, سمورن محلن ,مسجدن,امام بارگاھ پاڻي جي لپيٽ ۾ ,گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو,ڪافي سالن کان ڊرينيج جو ڪم ناهي ٿيو  رهواسي,تفصيل موجب تاريخي شهر جهوڪ شريف جو ڊرينيج نظام ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي جي ڪري مسئلن جي ور چڙھيل ,شهر جو ڊرينيج نظام تباه ,ڊرينيج نظام تباه هئڻ ڪري ملاح محله,جتوئي محله ڪنڀار محله شيدي محله,امام بارگاه جي ڀرپاسي گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل ,ان حوالي سان هتان جي رهواسين رياض قمبراڻي,غلام حسين ڪنڀار,علي حسن خاصخيلي,حافظ سليم جاڙيجو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل پنجويھ سالن کان شھر جو نظام ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي جي ڪري تباه آھي شھر جي بجيٽ لئي لکين روپيه اچڻ باوجود روپيه جو به ڪم نٿو ٿئي,برساتون پوڻ سبب پورو شهر ۾ گٽرن جو گنڌو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو ,گندي پاڻي جي ڪري مختلف بيماريون جنهن ۾ مليريا ,هيپاٽائٽس ۽ ٻين موذي مرضن منهن ڪڍيو آھي.,هتان جي رهواسين سنڌ جي وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.