مٺي ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مٺي(بيوروچيف)حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ مٺي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪيو ويو،سنجهورو جي رهواسڻ (ظ)ڌيءَ غلام عباس ٻٻر ڪلوئي تعلقي جي جي ڳوٺ مصري ٻٻر جي رهواسي مظهر ٻٻر ولد محمد اسلم پاڻ ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد ناريءُ جي وارثن مان زندگين کي خطرو ظاهر ڪندي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو آھي،مٺي ۾ صحافين آڏو پريمي جوڙي ظهيرا ۽  مظهر علي ٻٻر دانهيو ته  8 ڊسمبر 2020 تي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو پرڻي بعد وارث ويري دشمن بڻجي ويا آهن اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ناري ظهيرا ٻٻر صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته مظهر سان منهنجي ٻه سال اڳ مڱڻي ٿيل هئي پر منهجي مائٽن منهنجو رشتو ٻئي پاسي ڪرڻ پئي چاهيو پر مون پنهنجي مڱيندي مظهر علي سان ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪري حق نڪاح ڪيو آهي، منهنجي پيار جي پرڻي بعد منهنجو  پيءُ غلام عباس، ڀاءُ اظهر عباس ۽ ٻيا مائٽ علي احمد، علي شير، جاني ٻٻر، علي غلام، ڪوٽ غلام محمد جا جهانزیب ٻٻر، شاهزيب ٻٻر محرم ٻٻر  ۽ ٻيا اسان کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن جنهنڪري اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون جڏهن ته منهنجي مڙس مظهر علي جي گهر ڀاتين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن آء جي سنڌ، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.