جهمپير ۾ واڌو ٽيڪس اوڳاڙي، ٽرڪ ڊرائيورن جو احتجاج

جهمپير ( ن ع آ) جهمپير جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين مان ڪڍيل ڪوئلي کي ڍوئيندِڙ ٽرڪن تي وڌيڪ ريالٽي ٽيڪس لڳائڻ خلاف ٽرڪ ڊرائيورن ۽ پورهيتن جو احتجاج  وڌايل غيرقانوني ريالٽي ٽيڪس واپس وٺي، ٽرڪ مالڪن ۽ ڊرائيورن سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو   ان سلسلي ۾ جھمپير لڳ ڪوھستاني پٽي جھمپير، اونگر، ميٽينگ ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ ڪوئلي کي ڍوئيندڙ گاڏي مالڪن ۽ ڊرائيورن پاران وڌيڪ ريالٽي جي اوڳاڙي ڪرڻ خلاف جھمپير ويجھو ڪوئلو کڻندڙ ٽرڪ ڊرائيورن ۽   پورهيت يونين ڪول فيڊ جي صدر  الھبچايو چانگ نظر محمد بروهي ،نواز چانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاج احتجاج ڪندي هنن چيو تہ جهمپير جي  ڪوھستاني پٽي جھمپير، اونگر ۽ ميٽينگ واري علائقن ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ ڪوئلو  160 روپيہ في ٽن جي حساب سان ريالٽي وصول ڪئي ويندي ھئي، جيڪا ھڪدم  ريالٽي في ٽن 250 سئو روپيہ ڪري ڇڏي آھي، جنھن سان في ٽرڪ تي 15 سئو کان 2 ھزار روپين تائين وڌيڪ اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي.  جنھن جو سرڪار پاران ڪوبہ شيڊول جاري ناھي ڪيو ويو ۽ نہ ئي ريالٽي ٽيڪس وصول ڪندڙ   سرڪاري ريٽ جو شيڊول ڏيڻ لاء تيار آھن  ۽ پنھنجي مرضي سان ريالٽي جا اگھ مقرر ڪري ڊرائيورن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف بڻيل آھن. هنن وڌيڪ چيو تہ واڌو  ريالٽي ٽيڪس غيرقانوني آھي، جنھن جي وڌڻ سان ٽرڪن مالڪن جو گذارو مشڪل بنجي ويو آھي. ھنن چيو تہ اڳ ۾ ئي گاڏين جو خرچو وڌيڪ آھي، ويتر ھن مھنگائي ۾ ھٿ ٺوڪي وڌيڪ ٽئڪسن  جي اوڳاڙي کين پريشان ڪري وڌو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڪوئلي جي في ٽن تي وڌايل ريالٽي ٽئڪس گھٽائي کين پريشاني کان بچايو وڃي. ، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جيڪو مسئلن جي حل تائين جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.