حيدرآباد ۾ مال گاڏي جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي مال گاڏي جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مال گاڏي ڪراچي کان ساهيوال وڃي رهي هئي ته حيدرآباد جنڪشن وٽ حادثي جو شڪار ٿي وئي، مال گاڏي جا ڊٻا ريلوي پٽڙين تان ھيٺ لھي ويا، جنھن سبب ريل گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي، اھڙي صورتحال سبب ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي بيھاريو ويو، اپ ٽريڪ متاثر ٿيو مال گاڏي ڪوئلو کڻي پئي وئي ريلوي پٽڙي سخت متاثر ٿي، جنھن سبب مسافر ريل گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿي ريل گاڏي جا ڊٻا ڪرڻ واري واقعي تي ريلوي جا سمورا آفيسر واقعي واري ھنڌ پھتا، لڳاتار 5 ڪلاڪ ڪم ڪري ريلوي پٽڙي کي بھتر ڪري گاڏين جي اچ وڃ بحال ڪئي وئي، جڏھن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هوو، مال گاڏي جو عملو به محفوظ رھيو.17

دڙو پريس ڪلب جي سال2021 لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي

دڙو (ن ع آ) پريس ڪلب دڙو جي سال2021 لاء نئين باڊي تشڪيل دڙو جي سينئير صحافي اعجاز اختر ميمڻ جي صدارت ھيٺ پريس ڪلب دڙو جي صحافين جو اھم اجلاس ٿي گذريو۔ اجلاس ۾ اڪثريتي راء سان سال 2021 جي لاء نئين باڊي چونڊي ويئي۔ جنھن ۾ سرپرست اعلي ماما منٺار دايو صدر اعجاز اختر ميمڻ جنرل سيڪريٽري امداد ميمڻ سينيئر نائب صدر وفا چندن لاشاري نائب صدر نواز سومرو جوائنٽ سيڪريٽري محمد جمن ميربحر خزانچي اختر ڪڇي اطلاعات سيڪريٽري ذوھيب شيخ آفيس سيڪريٽري امتياز آڪاش ميمڻ جڏھن ته ورڪنگ ڪاميٽي تي علي رضا ڪڇي ميمڻ غلام مصطفي سومرو وفا ميمڻ ايم جمن سومرو باغي مختيار ميمڻ جاويد جگر ميمڻ ۽ امتياز سومرو کي چونڊيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.