ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي لوڊشيڊنگ، رهواسي عذاب هيٺ، احتجاج

ٽنڊوآدم ( ت ر  ) ٽنڊوآدم ۾ حيسڪو پاران هٿرادو لوڊ شيڊنگ ، 100  کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ، بجلي 10 کان 12 ڪلاڪ غائب ، ڳوٺاڻن جو عملي خلاف مظاهرو رپورٽ موجب ٽنڊوآدم حيسڪو سب ڊويزن  2 جي عملدارن پاران هٿرادو لوڊ شيڊنگ معمول بڻيل آهي روزانو 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جاهزارين رهواسي سخت پريشان آهن جن ۾ ڳوٺ تارا باغ، لال بخش واٽر ، ڳوٺ احمد ٻرڙا ، جلال مري ، سيد نوبت شاھ، ، حاجي قائم خاصخيلي ، سيد قبول شاھ ، ستياري، حاجي خان ٿهيم ، سبزل مري سميت ٻيا ڳوٺ شامل آهن بجلي نه هئڻ ڪري اتي اٽي جون چڪيون ، پاڻيءَ جون مشينون ، توڙي بجليءَ تي هلندڙ ڪاروهنوار ٺپ ٿو رهي جنهن ڪري پيئڻ جي پاڻي توڙي مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ به پاڻي جي کوٽ ٿيو پوي متاثر ڳوٺاڻن جي وڏي انگ پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن  علي محمد بروهي ، خدا بخش مري ، ڪرشن باگڙي ۽ ٻين الزام مڙهيو ته لائن مين رفيق آرائين روزانو تارا باغ ڳوٺ وٽان لنڪون لاهي بجلي بند ڪريو ڇڏي جنهن سان 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ٿيو وڃي ان کي منع ڪرڻ تي اڍنگو رويو رکي ٿو ۽  گرفتارڪرائڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي هنن چيو ته اسان لکين روپيه ماهوار بل ٿا ڀريون ان جي باوجود بجلي نٿي ملي هنن گهر ڪئي آهي ته لائين مين رفيق آرائين کي بدلي ڪري فرض شناس عملو مقرر  ڪري ڳوٺاڻن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.