ٽيسٽ بنا داخلا ميرٽ جي لتاڙ آهي:پرديپ گلاب

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، عاطف ملاح، برجانند شرمه، سنجئي ڪمار ۽ نقاش خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته انٽري ٽيسٽ بنا داخلا ڪرڻ ميرٽ جي لتاڙ ۽ تعليم دشمني آھي. سنڌ يونيورسٽي سال 2021 لاء داخلا  انٽري ٽيسٽ بنا ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍيو آھي. سنڌ جا شاگرد داخلا جي ھن پاليسي کي رد ٿا ڪن پر ڪرپٽ يونيورسٽي انتظاميا ۽ تعليمي بورڊن ۾ گريڊ وڪڻيندڙ مافيائن جي ملي ڀڳت جي ڪري انٽري ٽيسٽ نه ورتي وئي. سنڌ جي شاگردن کي گھرجي ته يونيورسٽي انتظاميا جي ھن ڪڌي عمل خلاف مسلسل احتجاج ڪن, سنڌي شاگرد تحريڪ انھن سان گڏ آھي.  سنڌي شاگرد ھن پاليسي خلاف ٽن ڏينھن جي احتجاجي تحريڪ پڻ ھلائي آھي. ڪرپٽ ۽ تعليم دشمن وڏيراشاھي سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ واري عالمي سامراجي سازش تحت ھر نئين ڏينھن ڪا نه ڪا تعليم دشمن رٿا آڻي رھي آھي. سنڌ يونيورسٽي جي چانسلر وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي گھرجي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي ھن تعليم دشمن عمل جو فورن نوٽيس وٺن ۽ انٽري ٽيسٽ بنا داخلا ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ يونيورسٽي انتظاميا کان پڇاڻو ڪن. جي ڊي اي سنڌ حڪومت جي اپوزيشن ۾ ھئڻ باوجود آئسوليشن ۾ ويٺي آھي, جي ڊي ھنن تعليم دشمن پاليسين تي خاموش رھي ثابت ڪيو آھي ته سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ واري پاليسين تي سنڌ جا سمورا وڏيرا ۽ وڏيرڪيون پارٽيون ھڪ پيج تي آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.