وٽرنري سينٽر جي عمارت تباهه، مالوند پريشان

سامارو (ن ع آ) سامارو روڊ ۾ ڀرپاسي جي علائقن جي مالوند ماڻهن جي سهولت لاءِ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ٺھيل ڪوارٽر ۾ هڪ وارٽر وٽنري کاتي پاران  وٽنري سينٽر جي جانورن جي اسپتال قائم ڪئي وئي،  هئي جيڪا هن وقت تائين مرمت نه ٿيڻ ۽ سار سنڀال نه هجڻ ڪري  تباھ ٿي وئي ۽ ڀوت بنگلو جو ڏيک ڏيئي رهي آھي  ڪجهه عرصو اڳ پوري بلڊنگ جون ڇتيون جون ڇاپڙ ڪري پيون زبون حالي جو شڪار ٿي پئي آھي بلڊنگ انتهائي ناقص هجڻ ڪري ان جا دريون درواز نامعلوم ماڻھن پٽي کڻي ويا آھن سامارو روڊ سميت  چئن مختلف يونين ڪائونسلن ۾ صرف اهو هڪ ئي وٽنري سينٽر آهي جيڪو پڻ تباھ آهي. يوسي سامارو روڊ ، يوسي نور خان ، يوسي ستڙيون .  يوسي ٽوڀان واري  جا ڀاڳيا مال جي بيماري وغيره جو علاج انهي سينٽر تان ڪرائيندا هئا، هاڻ مالوند ماڻهون سخت پريشان آهن اسپتال جو عملو پڻ غائب نظر اچي ٿو علائقي ۾ جانور ٻڪر . مينهن ۽ ڳئون ۾ بيماريون وڪوڙجي ويون آھن .  هتان جي شھرين لاپرواهه عملي خلاف ڪاروائي ۽  وٽنري سينٽر کي بلڊنگ ڏئي اتي عملو مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.