ملڪ ۾ گيس جي گهٽتائي جو نقصان گهريلو ۽ صنعتي صارفن کي ٿيوآهي؛ حقوق خلق موومينٽ

لاهور ( پ ر ) سموري ملڪ ۾ 9 جنوري تي بليڪ آئوٽ سان اربين رپين جو نقصان ٿيو، ان کان اڳ اين ايل جي جي امپورٽ تي اندازي کا ن وڌيڪ رقم خرچ ٿي،سڄي ملڪ ۾ گيس جي گهٽتائي جو نقصان گهريلو ُ ۽  صنعتي صارفين کي برداشت ڪرڻو پئجي ويو آهي،گيس ۽ تيل سان بجلي پيدا ڪرڻ جو جيڪو طريقيڪار آهي اهو وڏو مهانگو آهي ۽ درآمدات تي انحصا ر ڪرڻو پوي ٿو  ۽ ملڪي ناڻي جو هڪ وڏو حصو ان تي خرڇ ٿئي ٿوملڪ ۾ موجود انڊپينڊنٽ  پاورپلانٽ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن انتهائي مهانگي بجلي حڪومت کي وڪرو ڪري رهيا آهن . اسان پاڪستان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته قابل تجديد توانائي جي استعمال کي فوري تيز ڪيو وڃي ته جيئن تيل ۽ گيس سان بجلي ٺاهڻ جي طريقن کي جلد ختم ڪيو وڃي.  اهڙن خيالن جو اظهار حقوق خلق موومينٽ جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن فاروق طارق، آئمه کوسو، زياد فيصل، پروفيسر ضيغم عباس ،سدره اقبال ۽ ٻين هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.