ڦلجي اسٽيشن ( ن ع آ ) ڦلجي اسٽيشن شهر جي مين شاهي بازار کي بجلي جي فراهم ڪندڙ فاضل راهو چوڪ تي لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر سان ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ٽڪرائجڻ سبب ٽرانسفارمر ۽ بجلي جو پول هيٺ مين روڊ تي ڪري پيا جنهن سبب دادو کان سيتا روڊ ايندڙ ويندڙ ڪيتريون ئي مسافر گاڏيون بهجي ويون سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي ۽ غير موجودگي هجڻ ڪري ڦلجي پوليس ڏيتي ليتي عيوض نااهلي ڪندڙ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊرائيور کي بنا ڪنهن قانون ڪرڻ بغير ڇڏي ڏنو جڏهن ته بجلي جو ٽرانسفارمر ڪري پوڻ ڪري شهر جي مين شاهي بازار سميت ۽ ڪجهه علائقن جي بجلي بند هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشان ۽ بجلي تي هلندڙ ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آهي جڏهن ته بجلي جي بحالي لاءِ سيپڪو دادو جي عملدارن پاران اڃان تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا آهن.