ڪي اين شاهه ۾ ملاحن جو فشريز کاتي جي ناانصافين خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاهه ۾ فشريز کاتي جي ناانصافين زيادتين خلاف ملاح برادري جي ماڻھن جو 19  ڏينهن به منٺار ملاح، يوسف ملاح، منظور ملاح، غلام شبير ملاح، يعقوب ملاح، روشن ملاح، قاسم ملاح، ارباب ملاح جي اڳواڻي ۾ ايم آر ڊي جي شھيدن جي چونڪ کان ڪميونٽي سينٽر تائين احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فشريز کاتي دادو جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪندا مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان بعد مظاهرين ڪميونٽي سينٽر اڳيان علامتي بک تي معصوم ٻارڙن سان گڏ ويهي نعريبازي ڪئي، ڪرپٽ ڪامورا هٽايو ملاحن سان انصاف ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ملاح برادري جي ماڻھن صحافين اڳيان دانهيو ته فشريز کاتي دادو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسان ملاحن کي ڍورو شام ڍنڍ جو لائسنس رينيو ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هنن دانهيو ته فشريز کاتي جا ڪامورا احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪائي رهيا آھن ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيو جو بااثر وڏيرو اسان جي لائسنس رينيو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي، ٻه سئو  کان وڌيڪ خاندان بيروزگار ٿي ويا آھن، ڪير به نوٽيس وٺڻ وارو ناهي

ڊگهڙي ۾ عورتن جو بينڪ عملي خلاف احتجاج

ڊگهڙي(ن ع آ)ڊگھڙي شهر جي انور آباد ڪالوني جون رهواسي عورتون فاطمه ۽ نوربانو زال محمد ابراهيم پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان ۽ پاڙي جي ڪجھ عورتن ڪجھ مهينا اڳ ٿرديپ مائڪرو فنانس بينڪ،پاڪ اومان،سافڪو،تعمير بينڪ،يو بينڪ مان قرض کڻي چوپايو مال خريد ڪيوسين ۽ اسان بينڪن جون قسطون ادا ڪري چڪيون آهيون پر بينڪن جي ملازمن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري اسانجي قسطن جا ڏنل پئسا هڙپ ڪري ويا آهن ۽ هرروز اسانجي گهرن ۾ داخل ٿي اسانکي هراسان ڪري رهيا آهن جنهنڪري اسان سخت ذھني اذيت ۾ زندگي گهاري رهيون آهيون،بينڪن مان قرض کڻي ورتل چوپايو مال تازو آيل برساتن ۾ مري ويو ۽ اسانجا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا جنهن بعد اسان دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون،هنن چيو ته هن وقت اسانجا مالي حالات ٺيڪ ناهن.  ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان،سنڌ هاء ڪورٽ، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بينڪن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسانکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.