ايران مان درآمد سبب لاڙي ٽماٽي کي ڌڪ، آبادگار پريشان، احتجاج

بدين  (رپورٽ:رازقڏنو کوسو ) لاڙ بدين جي زمينن ۾ لاڳاتار پاڻي جي شديد قلت بعد سخت متاثر ٿيو هن سال ڪيترن آبادگارن وٽ پئسا نه هئڻ ڪري زمينون آباد ڪرڻ کان رهجي ويا زمينن ۾ فصلن جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ڪجه آبادگارن قرض کڻي ٽماٽي جو فصل پوکيو. هن سال لاڳاتار ٽي مهينا بارشون پوڻ ڪري سون ايڪڙن جي پوکي لاء تيار ڪيل ٻيجارو تيز بارشن ۾ سڙي ويو پوء به زميندارن همت نه هاريندي هزارن ايڪڙ بچائي سوين ايڪڙن تي ٽماٽي جي پوکي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن آبادگارن سٺو ناڻو ڪمايو گذريل ڪافي سالن کان ٽماٽو ٻاهران اچڻ ڪري لاڙ جي ٽماٽي جو ريٽ صفا نه هئڻ برابر آبادگارن کي ملي سگهيو جنهن ڪري سندن معاشي نقصان ٿي رهيو هو منڍين ۾ ڪجه سال اهڙي به صورتحال رهي جو منڊين جا واپاري خريداري به نه پيا ڪن جنهن صورتحال آبادگارن کي نه رڳو معاشي نقصان ڏنو پر آبادگار طبقي کي ذھني طور پريشان ڪيو. آبادگار اڳواڻن ضلعي ڪائونسلر عبدالطيف بروهي رئيس محمد علي چانڊيو جمالدين نهڙيو اڪبر گهراڻو پريم سنگه ڀاٽي حاجي محمد طارق جٽ ۽ ٻين آبادگارن احتجاج ڪندي چيو ته سرڪار بي ميدائتو ايران جو ٽماٽو گهرائي اسان کي ڪافي نقصان ڏنو آھي. هڪ طرف پنجاب ۾ ڪوهيڙو هئڻ موسم بهتر نه هجڻ ڪري اتان جو واپاري به نه پيو اچي هتان ايران وارو ٽماٽو هاڻي منڍي ۾ وري ٻاڙائي اچي ويئي آھي سرڪار جون غير جٽادار پاليسيون سدائين آبادگار دشمن رهيون آھن تنهن ڪري وفاقي سرڪار کي ۽ سنڌ جي زراعت کاتي سنڌ سرڪار کي هن طرف تڪڙي توجه ڏيڻ جي سخت ضرورت آھي ٻي طرف واپاري اڳواڻن گل حسن کوسو محمد طارق جٽ ۽ ٻين ٻڌايو ته سالن کان پاڻي کوٽ اگه نه هئڻ ڪري جتي آبادگار طبقو سخت متاثر ٿيو اتي واپارين جو وڏو نقصان ٿيو هن سال آبادگار ۽ واپاري مختصر عرصي ۾ سٺو ناڻو ڪمائيو آھي پر هاڻي ايران جي ٽماٽي اسان جي سڄي مارڪيٽ کي سخت متاثر ڪيو آھي تنهن ڪري سرڪار کي سنجيدگي سان هن طرف توجه ڏيڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.