گهرواري ڳولي ڏيو: ٺٽي۾ پورهيت جو احتجاج

ٺٽو (بيورو چيف ) مڪلي جي درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي جي رھواسي پورھيت محمد عمر ملاح مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس گھر واري 6 ٻارڙن جي ماء جياري گذريل ھڪ ھفتي کان گھران نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويئي آھي، جنھن جي گمشدگي جي رپورٽ مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرائي ويئي آھي، پر سندس گھر واري جو ڪٿان بہ ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، جنھن جو دماغي توازن بہ درست ناھي، جيڪا دماغ واري بيماري سبب علاج ھيٺ آھي، محمد عمر ملاح چيو تہ سندس گھر واري جي گم ٿيڻ ڪري ان جا معصوم ٻار توڙي پاڻ سخت پريشان آھن. ھن چيو تہ کين اھو پڻ خدشو آھي تہ ڪٿي ان کي اغوا نہ ڪيو ويو ھجي ۽ اغوا ڪارن پاران کيس نقصان نہ پھچايو وڃي. جنھن ڪري ھو وڌيڪ پريشان آھن. ھن ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي پنھنجي زال جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.