نوابشاهه ۾ نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسي ايشن جو احتجاج

نوابشاهه  (ڊ ر) سنڌ ڪاليج نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسي ايشن شھيد بينظيرآباد جي ٽنھي ضلعي شھيد بينظيرآباد، سانگھڙ ۽ نوشھوفيروز جي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊائريڪٽر آفيس ڪاليجز شھيد بينظيرآباد سامھون علي گل عمراڻي، سيد حسن عسڪري، رياض خاصخيلي، مقبول سانڌ، عبدالغفار آرائين، وسيم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪاليج سائيڊ ھڪ کان چار گريڊ تائين جي ملازمن جا گذريل ڪيترن ئي سالن کان پروموشن نه ٿيا آھن جڏهن ته ڪاليجز ۾ ڪم ڪندڙ ليب اسسٽنٽ، جونيئر، سينئر، اسسٽنٽ ڪلرڪ ۽ ليب انچارج جا به پروموشن نه ٿيا آھن.  جنھن جي ڪري اسان گذريل 20 ھن سالن کان وٺي ھڪ ئي گريڊ ۾ ڪم ڪيون پيا جيڪو اسان سان ظلم آھي،  ھنن چيو ته ريجنل ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ رشوت جي بازار گم آھي ۽ جيڪي ملازم رشوت ڏين ٿا انھن جا ڪم ٿين ٿا جڏھن ته اسان ملازمن جا جائز ڪم نٿا ٿين، ھنن چيو ته سپريم ڪورٽ جو ريپوٽيشن تي بندش آھي ان جي باوجود ڪاليجن جا ليڪچرار ۽ پروفيسر ايڊمنسٽريشن پوسٽن تي ويٺا آھن، ھنن سنڌ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.