سجاول ضلعي جا ننڍا وڏا شهر بنيادي سهولتن کان محروم

سجاول (رپورٽ امتياز علي سومرو) سجاول ضلعي جا سڀئي ننڍا وڏا شهر بنيادي سهولتن کان محروم، صاف پاڻي، صفائي ، روڊن رستن جي اڻهوند سميت ٻين مسئلن سبب علائقي واسي سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، ڪروڙين روپيا بجيٽ باوجود ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو، انهي سلسلي ۾ سجاول ضلعو ٿيڻ بعد جتي اڃا تائين انتظاميا جو ڪاروهنوار  مڪمل طور تي بحال نه ٿي سگهيو آهي اتي موجود وسيلن ۽ ايندڙ بجٽ جو استعمال به سواليه نشان بڻجي ويو آهي، ضلعي سجاول لاءِ مختلف مد ۾ ايندڙ فنڊن جي صحيح نموني استعمال نه ٿيڻ سبب ضلعي جا ننڍا وڏا شهر ميرپور بٺورو، جاتي ،چوهڙ جمالي ،سجاول ،ٻيلو ،دڙو ، ٻنون ،جھوڪ شريف ۽ ٻيا علائقا کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن،  جڏهن ته مذڪوره علائقن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب علائقا بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن، ھوڏانھن سجاول جي ضلعي ڪائونسل جي ڪروڙين روپين کان علاوه هر تعلقي جي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپيا ماهوار  ۽ هر يونين ڪائونسل کي ماهوار پنج لک رپين جا فنڊ جاري ڪيا وڃن ٿا ليڪن ضلعي جي ڪنهن به شهر ۾ روڊن رستن، ڊينيج سسٽم جي بحالي، صاف پاڻي جي فراهمي توڙي صفائي وارو نظام درهم برهم آهي جنهن سبب ڪروڙين روپيا ماهوار فنڊن جو رهواسين کي ڪوبه فائدو ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ضلعي جي مکيه شهرن ميرپور بٺورو، دڙو ،سجاول ،جاتي ۽ چوهڙ جمالي ۾ پبلڪ لائبريري، پبلڪ پارڪ، تفريح مرڪزن، روڊ رستن ۽ ڊرينيج جي بحالي سميت ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيا آهن. انهي سلسلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عبدالغني ملاح، ساگر مجيد پرهياڙ ،عامر ميمڻ ،قادر بخش زئور، سليم ملاح، ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي سجاول جي سمورن شهر جي ترقياتي ڪمن ۽ صفائي سٿرائي لاءِ سنڌ سرڪار پاران ماهوار ڪروڙين روپيا جاري ڪيا وڃن ٿا ليڪن شهر ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، ضلعي سجاول جي هر شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، ڊينيج نظام مڪمل طور ناڪام بڻجي ويو آهي، هنن چيو ته شهرن جا روڊ رستا سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب اکڙي ويا آهن ليڪن چونڊيل نمائندن سميت حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل اڳواڻن کي شهرن جي بدتر حالت نظر نٿي اچي، هنن اعلي اختيارين سم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي سجاول جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماهوار ڪروڙين روپيا بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جو فوري طور نوٽيس وٺي، شهرن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي ذميوار ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.