سکر بئراج جي چيف انجنيئر آفيس ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر بئراج جي چيف انجنيئر آفيس ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو، ملازمن جا مسئلا جيئن جو تيئن پيل، ننڍن ملازمن سان ناانصافيون، يونين اڳواڻن پاران احتجاج جو چتاءُ، چيف انجنيئر جي آفيس ٻاهران پمڦليٽ لڳي ويا، ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي سکر بئراج جي چيف انجنيئر ارشاد ميمڻ کي آبپاشي سکر ۽ لاڙڪاڻي جي چارج هجڻ جي ڪري هنن پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحدا فيڊريشن جي اڳواڻن خادم حسين کوسو، فقير اعظم مڱڻيجو، نور محمد گاڏهي ۽ ٻين پاران چيف انجنيئر سکر بئراج ارشاد احمد ميمڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي سندس آفيس ٻاهران بينر لڳايو ويو آهي، انهن ملازمن جو چوڻ آهي ته جڏهن کان وٺي ارشاد ميمڻ سکر بئراج جو چيف انجنيئر مقرر ٿيو آهي مسلسل غير قانوني طور تي سينيئر ملازمن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ، هنن چيو آهي ته سينيئر ملازمن کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ مزدور دشمن پاليسيون جوڙيون ويون آهن، ترقياتي ڪمن اي ڊي پي اسڪيمن جي ڪمن تي پراڻا ملازم نظر انداز ڪري نون ملازمن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. جن کي پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت وصول ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي،.  هنن چيو آهي ته ناقص ڪمن ڪرائڻ لاءِ ٻين ريجنز جي پسنديدا ملازمن ۽ آفيسرن کي گھرايو پيو وڃي، اهڙي عمل خلاف 27 جنوري تي چيف انجنيئر سکر بئراج ارشاد احمد ميمڻ جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، هنن چيو آهي ته ارشاد احمد ميمڻ جي سرپرستي هيٺ ترقياتي ڪمن ۾ نه صرف ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو پيو وڃي پر سندس منظور نظر ماڻهن پاران يونين جي پورهيتن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته چيف انجنيئر سکر بئراج جي هٺ ڌرمي جو نوٽيس ورتو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سندس خلاف احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.