چوٽياريون ڊئم سبب سوين ايڪڙ زمين بنجر، لڏپلاڻ، احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ:محمد حسين بلوچ) ورڪشاپ لڳ گجري اوڍ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوٽيارون ڊيم جي سيلاب تباهي مچائي ڇڏيو،ڳوٺاڻن پاران  پريس ڪلب جي صحافين آڏو سندھ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته ته چوٽيارون ڊيم جي سم واري پاڻي هتان جي ماڻھون کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو اوڍ سميت گجري جي علائقي واسين ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ۽ ماڻھون گهر به خالي ڪري هليا ويا آھن اوڍ جو سڄو علائقو ويران ۽ بنجر ٿئي چڪي آھي 5پنجن سالن کان ڪا به آبادي نه ٿئي سڳهيو آھي 2 لک ماڻھون اٽي لپ لا پريشان آھن. اوڍ حرجماعت جي ماڻھون ظاهرو ڪندي فقیر ادریس لغاي، رئيس مريد حسين لغاري، عبدالغفور جوڻيجو، فقير دادلو جوڻيجو، فقير سليمان جوڻيجو، مولا بخش جوڻيجو ۽  ٻين جو چوڻ ھو ته چوٽياريون ڊيم جي تباھ ڪارين پڻ تيزي سان ڦھلجندڙ سم زريعي زمينون بنجر بنجڻ ۽ آبادگارن جي معاشي ڪنگالي توڙي بدحالي سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ڪيترائي آبادي وارا علائقي پاڻي هيٺ ڳوٺ خليفو الله بخش جوڻيجو، فضل لغاري، الله ڏنو بهڻ، صاحب خان جوڻيجو، محمد هاشم ڳاهو، ٻيڙو خان بهڻ، امام بخش راڄپر، جان محمد راڄپر، عبدالڪريم جا ڳوٺ شامل  چوٽياريون ڊيم ۾ پاڻي جي ڇوڙ ۽ اسٽور ڪرڻ واري مرحلي ۾ سرڪار جامع حڪمت عملي نه جوڙي  نه ئي وري ڊيم کي مظبوط بارڊر ڏنو ويو آھي جنهن ڪري ڊيم جو سيمو  تيزي سان ھزارين ايڪڙ زمين پھنجي لپيٽ ۾ آڻي رھيو آھي.  ۽ زمينون اپت ڏيڻ بجا تباھ ٿي رھيون آهن نه صرف اپت پر زمينون فصل ڏيڻ جي قابل نه رھيون آھن تھن ڪري  آبادگارن کي اربين روپين جو زراعت مان معاشي نقصان پھچي رھيو آھي چوٽياريون ڊيم جو منصوبو انتظاميا جي نا اھلي سبب لاڀائيتو ٿيڻ بجاء ھاڃيڪار ثابت ٿي رھيو آھي ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ٿي رهيو آھي لڳ ڀڳ 250 کان وڌيڪ ڳوٺن جا ماڻھون سيپيج سبب لڏپلاڻ ڪري رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.