ٺٽي ۾ جوڙو پرڻي بعد دربدر،تحفظ لاءِ احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) ضلعي خيرپور جي ڳوٺ پڪا چانگ جي رھواسڻ مسمات ميناحل ناز ڌيء محمد نواز چانڊيو پنھنجي مڙس ضلعي نوشھروفيروز جي ڳوٺ سائين رکيو چانڊيو جي رھواسي محمد عرس ولد محمد عمر چانڊيو سان گڏ مڪلي صحافين وٽ پھچي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو تہ ھن پنھنجي مرضي سان گھران نڪري محمد عرس چانڊيو سان ٺٽي شھر ۾ پيار جو پرڻو حق نڪاح ڪري ڇڏيو آھي. پر ھاڻي سندس مائٽ سندن جان جا دشمن بڻجي کين قتل ڪرائڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري ھو پنھنجا گھر ڇڏي ٺٽي ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون. مسمات مينا حل ناز چانگ چيو تہ کيس ڪنھن بہ ورغلايو يا اغوا ناھي ڪيو، پر ھن پنھنجي مرضي سان محمد عرس چانڊيو سان شادي ڪئي آھي، جنھن سان ھوء خوش آھي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ کين تحفظ مھيا ڪري کين نقصان پھچائيندڙ توڙي مٿن يا سندس مڙس جي مائٽن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ سندس مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري کين نئين زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي.  ھن چيو تہ کين جيڪڏھن ڪوبہ نقصان پھتو تہ ان جا ذميوار سندس مائٽ ۽ انھن جا ھمدرد ھوندا.لوڊرا ٿاڻي جي حد ۾ چنگچي ڪلٽي، نوجوان سخت زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيندي فوت، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.