چيلهار ۽ ڀرپاسي اسپتالون بي لاڀ، غريب مريض دربدر، صحت کاتو گم

چيلھار (رپورٽ:جتيندر باغي) چيلھار توڙي ڀرپاسي جيڪي صحت جون سھولتن ڏيندڙ ڊسپينسريون, بي ايڇ يو, آر ايڇ سي, جي حوالي کان ذڪر ڪنداسين تي چيلھار ۽ ڀرپاسي جي ٽيھ ھزار کان مٿي آبادي آھي جنھن ۾ ويھ ھزار مختلف ڳوٺن ۽ ڏھ ھزار چيلھار شھر جي آبادي آھي ان لاء ڳوٺن ۾ ڊسپينسريون قائم ڪيل آھن انھن ڊسپينسرين تي مريض پھچن ٿا تي مريضن جو عارضي ۽ ھلڪي بيماري پيٽ, مٿو, بخار, کنگھ جو علاج ڪن ٿا اھا بي ڊسپينسريون صبح اٺ کان منجھند تائين کليل ھونديون آھن باقي بند انڪري ڳوٺاڻا ڳرا ڪرايا ڀري چيلھار اسپتال پھچن ٿا چيلھار اسپتال داخل ٿيندي ئي مريضن کي پتو پئي ٿو چيلھار اسپتال جي صرف بلڊنگ آر ايڇ سي جي آھي باقي عملو بي ايڇ يو جو ڪم ڪري رھيو آھي آر ايڇ سي نه ھئڻ ڪري ڪيتريون ئي سھولتون غائب آھن جڏھن تي آر ايڇ سي تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪجھ ڏيھين اڳ عوامي آواز ۾ خبر شايع ڪئي ھُئي جنھن جو سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري سيشن جج ٿرپارڪر ڊي سي ٿرپارڪر کان رپورٽ طلب ڪئي ھُئي ۽ آر ايڇ سي تي عمل ڪرڻ عملو مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھُئي پر صحت کاتي جي اعلي اختيارين توڙي ذميوار ڪامورن عدالت جي نوٽيس کي پاسيرو رکي ڇڏيو جنھن ڪري اڄ بي چيلھار اسپتال آر ايڇ سي نه ٿي سگھي آھي.  آر ايڇ سي جي نئين بلڊنگ ۾ ٺيڪيدارن ناقص مٽريل استعمال ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري اسپتال جي بلڊنگ فنڪشنل ٿيڻ کان اڳ ڀُري ڏار پئجي رھيا آھن ضرورت ان ڳالھ جي آھي ھزارن جي تعداد ۾ آبادي جنھن چيلھار اسپتال جي رحم ڪرم تي آھي انھي اسپتال کي جلد ايڪسري مشين ھيوي جرنيٽر مريضن لاء فرنيچر پئيڻ جو صاف پاڻي مڪمل مئڊيسن ڏئي آر ايڇ سي تي عمل ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.