شاهپور چاڪر ۾ استاد دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

شاھپورچاڪر(رپورٽر) گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول شاه پور چاڪر جو سينئر استاد غلام نبي چنا نماز پڙھندي دل جو دورو پوڻ ڪري بيھوش ٿي وَيو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو پي ويو تہ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو سندس جنازي نماز ۾ شھرين مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي کيس آبائي قبرستان سيد وڇي شاھ جي قبرستان ۾ الين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي طرفان معطل ٿيل 14 پوليس عملدار ۽ اهلڪار بحال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي معطل ٿيل 14 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي بحال ڪندي 5 عملدارن ۽ اهلڪارن جي هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي آفتاب ناصر پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم ۾ داخل درخواستن تي 19 پوليس عملدار ۽ اهلڪار پيش ٿيا جن مان معطل ڪيل 14 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن انسپيڪٽر محمد رشيد لوڌي، انسپيڪٽر غلام مزمل سومرو، سب انسپيڪٽر گلزار علي ٻرڙو، سب انسپيڪٽر امداد علي شر، سب انسپيڪٽر عبدالغفار قمبراڻي، اي ايس آءِ اعجاز علي جکراڻي، اي ايس آءِ غلام مرتضيٰ، هيڊ ڪانسٽيبل سلطان  سڪندر، اهلڪارن نثار احمد نون، عبدالجبار، اختر علي هڪڙو، شاهد علي ٽانوري، شاهنواز ٽانوري ۽ محمد دائم کي ڊي آءِ جي بحال ڪندي کين وارننگ جاري ڪري ڇڏي. ان کان علاوه معطل ڪيل 5 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن انسپيڪٽر احمد علي هاليپوٽو، سب انسپيڪٽر قمرالدين تونيو، سب انسپيڪٽر محمد نواز ڪورائي، هيڊ ڪانسٽيبل منير احمد ۽ اهلڪار فتح محمد دل جي هڪ هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي آفتاب ناصر چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي اولين فرضن ۾ شامل آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.