سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، شهري پريشان

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) ميونسپل انتظاميا جي نااهلي، شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ ڪربلا جا منظر، گھريلو ۽ ڪاروباري زندگي سخت متاثر، شهري پري پري وارن علائقن مان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور، ڪمشنر سکر کان پاڻي جي فراهمي جو مطالبو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٽين نمبر وڏي شهر سکر سنڌو ڪناري آباد هجڻ باوجود شهر واسين جي پيئڻ جي پاڻي وارو مسئلو حل ناهي ٿي سگھيو، ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي مجرماڻي غفلت جي ڪري شهر جا اڪثر علائقا ٽڪر محلا، چانگ مسجد، ريلوي ڪالوني، جيلاني روڊ، جناح چوڪ، نئون پنڊ، ڀوسا لائين، نئون ڳوٺ، بئراج روڊ، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ مليٽري روڊ، بهار ڪالوني، بندر روڊ، مياڻي روڊ، مارچ بازار سميت ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جنهن ڪري گھريلو ۽ ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، علائقي واسين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر واسين کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي رهواسين کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.