قمبر لڳ سرڪاري نيڪال تي قبضي خلاف احتجاج

قمبر( ڊر) قمبر جي ڳوٺ الله ڏنو تنيو جي رهواسين جو ڳوٺ جي سرڪاري نيڪال تي بااثر ماڻهن جي قبضي خلاف ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندي تونيه برادري جي خادم حسين تنيو، خالد حسين تنيو، نواب علي، ۾ظهر الدين، محمد عالم،صحبت تنيو چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري نيڪال جي نالي مٿان قبضو ڪيو آهي منع ڪرڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هو اسان ڳوٺاڻن کي ڪڏهن به جاني مالي نقصان ڏيندا .  هنن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي بااثرن کان قبضو ختم ڪرائي ڏنو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.