جهڏو ۾ شهري جو ڀاءُخلاف احتجاج، تحفظ جي اپيل

جهڏو( ن ع آ) وارڊ نمبر 10 جي رهواسي ابرار پٽ سردار مغل ميڊيا سينٽر جهڏو تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ عامر سردار سان گذريل وڏي عرصي کان پراپرٽي جي ورهاست جي مامري تي تڪرار هلندڙ آهي، هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص منهنجي حصي جي هڪ دڪان جي هلندڙ ڪيس جو فيصلو منهنجي حق ۾ ڏنو، جنهن بعد مون ايس ايس پي ميرپورخاص کي ڄاڻايل پراپرٽي جو قبضو وٺڻ لاءِ جهڏو پوليس کان سيڪيورٽي جي درخواست ڏني،  هن چيو ته عدالتي حڪم مطابق جهڏو پوليس سان گڏجي اسان وارڊ نمبر 5 ۾ دڪان کولي ته منهنجي ڀاءُ عامر مغل ۽ هن جي ساٿين پوليس جي موجودگي ۾ مون تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪري مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد پوليس مونکي حملا آورن کان بچايو، هن وڌيڪ چيو ته ڪجھ شر پسند ماڻھو انهيءَ سموري مامري کي غلط رنگ ڏيئي شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهجهان لاشاري چيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس پارٽي جڏهن سر زمين تي پھتي ته ابرار مغل جي  مخالف ڌر جي عامر مغل ۽ سندس هٿياربند ساٿين ابرار مغل تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، مڇريل ماڻهن پوليس اهلڪارن کي پڻ ڌڪ هنيا ۽ پوليس موبائيل جا شيشا ڀڳا آهن ، اهڙي واقعي کانپوءِ جهڏو ٿاڻي تي عامر سردار مغل خلاف سندس ڀاءُ ابرار سردار مغل جي فرياد تي هوائي فائرنگ، هنگامو، موتمار ڌمڪين ۽ دڪان ۾ پيل لوهه چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.