ٽنڊي آدم ۾ اٽي جو بحران، شهري پريشان

ٽنڊوآدم ( ت ر  ) ٽنڊوآدم ۾ خوراڪ کاتي پاران چڪين کي ڪوٽا نه ڏيڻ ڪري اٽي جو بحران ، اٽو 60 کان 65 روپيه ڪلو وڪامڻ لڳو انتظاميه پاران لڳايل اٽي جي اسٽالن تي ماڻهن جي پيھ رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ گذريل وڏي عرصي کان اٽي جو بحران آهي خوراڪ کاتي پاران چڪي مالڪن کي مهيني ۾ 32 ٻوريون ڪڻڪ جي ڪوٽا ڏني وڃي ٿي جيڪا ناڪافي هجڻ ڪري چڪي مالڪ مارڪيٽ مان مهانگي ڪڻڪ خريد ڪري اٽو به مهانگو وڪڻن ٿا 60 کان 65 روپيه ڪلو اٽو ملڻ ڪري پورهيت طبقو مشڪلاتن ۾ آهي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي خوراڪ کاتي سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن ۾ اٽي فراهم ڪرائڻ لاءِ اسٽال لڳايا آهن .  جتي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 240 روپين ۾ في ڪلو 42 روپين جي حساب سان فراهم ڪيو پيو وڃي پر اسٽاڪ گهٽ هئڻ ڪري خريدار جن ۾ عورتون به شامل آهن جون قطارون لڳل هجن ٿيون ،  شهرين گهر ڪئي آهي ته شهر مان اٽي جي کوٽ ختم ڪري سستي اگھ تي اٽو فراهم ڪيو وڃي ٻئي طرف چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتي پاران هفتي ۾ 8 ٻوريون ۽ مهيني ۾ 32 ٻوريون ڪڻڪ جون ڏنيون ٿيون وڃن جيڪي ناڪافي آهن اسان کي مڪمل ڪوٽا ڏني وڃي ته جيئن سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو ڪري سگهون ۔ سيري ۾ ڇتن ڪتن جو آزار هڪ ئي ڳوٺ ۾ ٽن ڄڻن کي ڏاڙھ وڌو انتظاميان اگھور ننڊ ستل

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.