مٽياري ۾ سماجي اڳواڻ جي سالگره تي تقريب

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ضلعي جي مشهور سماجي شخصيت پير علي شير سرھندي جي 50 سالگرہ جو ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ضلعي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مٽياري ضلعي جي سياسي سماجي شخصيت سيد حسن مرتضا شاھ ڄاموٽ ، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، جي يو آئي ف اڳواڻ سليم سنڌي،رحمت الله ترڪ سينئر صحافي ضمير خاصخيلي ،پير عبدالوهاب جان سرھندي ،پي ٽي آئي اڳواڻ رميش ڪمار منگلاڻي ،محمد صالح ٻٻر،  زمان شاه لڪياري، لائق فقير، امتياز خاصخيلي، فقير علي اڪبر ميمڻ، ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پير علي شير سرھندي هميشه هتان جي غريب مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ڪيترائي ڀيرا دوکا کاڌا پر ڪڏهن به مايوس نه ٿيو سندس خدمتن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي،  ان موقعي تي پير علي شير سرھندي تقريب کي خطاب ڪندي دوستن يارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مون هميشه سچ جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مٽياري ضلعي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي ان لٽ کي روڪڻ خاطر آواز حق اتحاد نالي سان هڪ سماجي اتحاد ٺاهيو اڄ ان اتحاد جي پليٽ فارم تان مسڪين ماڻهن جي خدمت جاري آهي هوڏانهن تقريب جي موقعي تي مختلف سياسي سماجي شخصيتن ايڊووڪيٽ قاضي اخلاص ،طارق ميمڻ،قاضي مقصود، شمش الدين ميمڻ، شمس خاصخيلي، نرگس ناز، نويد اقبال ملاح ،۽ مٽياري جي ڪيترن ئي صحافين ۽ ٻين پاران کيس اجرڪن، لونگين سميت مختلف قسمن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.