ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي تي 3 هفتن کان وڏو منشي مقرر نه ٿيو، ڪاروهنوار متاثر

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم جي سٽي ٿاڻي تي چوڪيدار جمن حاجاڻو جي مبينا پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ معطل ٿيل وڏي منشي الله بخش ڊومڪي جي معطلي بعد ٽن هفتن کان پوءِ به سٽي ٿاڻي تي وڏي منشي جي مقرري ناهي ٿي سگهي  جنهن سبب ٿاڻي جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۔.

دريا خان مري جي صحافي جو ڀاءُ رٽائرڊ فوجي اهلڪار نوابشاهه اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

دريا خان مري (ن ع آ) درياخان مري جي وٽرنري ڊاڪٽر نصير احمد سومرو جو پٽ صحافي ڪليم الله سومرو جو ڀاءُ رٽائرڊ فوجي اھلڪار غلام الله سومرو نواب شاھه اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، جنھن جو مڙھه ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان ڳوٺ بھارو ملان آندو ويو فوتي جي جنازي نماز ملو پيراڻو قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي فوتي جي جنازي نماز ۾ صحافين سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جنازي نماز بعد فوتي جي مڙهھ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڊاڪٽر نصير احمد، ڊاڪٽر غلام محمد، ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر نثار احمد، ڪليم الله سومرو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

ڏوڪري ۾ گئس پريشر گهٽجي ويو، رڌ پچاءُ ۾ پريشاني، احتجاج

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ گئس جو پريشر گهٽجي ويو،ويو آهي جنهن ڪري رڌ پچاءُ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ان ڏس ۾ رڌ پچاء جي وقت گئس سپلاء اڪثر ڪري بند رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي رڌ پچاء جي وقت گئس پريشر انتهائي گهٽجي وڃي ٿو، جنهن سبب گهريلو صارفين کي رڌ پچاء دوران سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، صارفين طرفان شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪنهن به ڪو نوٽيس نه ورتو ويو آهي،محمد عرس، گلاب سومرو، سهيل سومرو، ڪامران علي ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته رڏ پچاء جي وقت گئس بند هجڻ ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا بنادير گئس پريشر کي بحال ڪري عوام کي تڪليفن کان بچايو وڃي ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.

تعليم معاشري لاءِ انتهائي اهم آهي: ڪمشنر ميرپورخاص

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو  آهي ته تاريخ ۾ اهي ماڻهو هميشه سونهري  اکرن ۾ لکيا ويندا  آهن جن ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم  جي ماڻهن کي تعليم جي زوير سان سنواريو ۽ انهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو  اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي آئي جي پوليس ميرپورخاص ذوالفقار علي   لاڙڪ سان گڏ آرٽس فائونڊيشن  ميرپورخاص  ۾ سي ايس ايس جي تياري ۽ موٽي ويشنل ڪلاسز هلائڻ جي سلسلي ۾ ايم او يو سائنگ جي تقريب کي خطاب ڪيو. ندي ڪيو انهي موقعي تي آرٽس فائونڊيشن جو چيئر مين شهزادو ملڪ سول سوسائٽي  جو محمد بخش ڪپري  روٽري ڊسٽرڪٽ گورنر ڊاڪٽر فرحان عيسي  روٽري ڪلب ميرپورخاص جو صدر رفيق لغاري  ايم او يو تي سائن ڪيون  انهي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميرپورخاص آرٽس فائونڊيشن جي هال ۾  ميرپورخاص جي شاگردن جيڪي سي ايس ايس  جي امتحان ۾ حصو وٺڻ چاهن ٿا انهن کي ٽيڪنيڪس ۽ ٽپس ڏنا ويندا  انهي ۾  سي ايس ايس ڪواليفائيڊ  آفيسر ۽ پروفيسرز انهن کي ٽپس ڏيندا  ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ ڊي آئي جي ميرپورخاص ڊوالفقار علي لاڙڪ انهي عمل کي بهترين قدم قرار ڏنو هنن چيوته انهي قدم کڻڻ سان ميرپورخاص جي شاگردن جا سي ايس ايس پاس ڪرڻ جا امڪان وڌڻ سان گڏ انهن ۾ امتحان ۾ ويهڻ جوجذبو پيدا ٿيندو جيڪو صوبي سميت ميرپورخاص جي ماڻهن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي  ڪمشنر ۽ ڊي  آئي جي پاران   مڪمل تعاون سميت سيشن وٺڻ جو پڻ يقين ڏياريو  هنن چيو ته حيدر آباد  ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ موجود جيڪي ريسورس پرسن آهن انهن کان وڊيو لنڪ ذريعي  شاگردن کي ٽيڪنيڪ ۽ ٽپس جي ڪلاس ڏياريون وينديون  ته جيئن شاگرد وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگهن ڪمشنر ميرپورخاص چيوته هتي  ٻارن جي وڌيڪ بهتري تياري لاءَ سي ايس ايس ڪارنر پڻ ٺاهيو ويندو  انهي ۾ سي ايس ايس جي حوالي سان ڪتاب پڻ رکيا ويندا جيڪي شاگرد ڪتاب افوڊ نه ٿا ڪري سگهن اهي تياري لاءِ ڪتاب حاصل ڪري سگهندا هن چيوته سي ايس ايس جو مواد ويب سائيٽ تي  اپ لوڊ ڪيو وڃي ته جيئن هتان جي شاگردن سميت  ٻيا شاگرد انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن   انهي موقعي تي ٻڌايو ويو  ته جنوري جي هن هفتي ۾  سي ايس ايس جو امتحان ڏيندڙ شاگردن جو سيشن شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ ايندڙ امتحانن سميت مستقل بنيادن تي شاگردن کي گروپن جي صورت ۾ تياري ڪرائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.