جمال شاهه ۾ مچ ڪچهري، شاعر، اديب ۽ سگهڙ شريڪ

جمال شاهه ( ن ع آ ) درگاھ حضرت جمال شاھ جيلاني تي سيد سليمان شاھ ۽ سيد تاجن شاھ پاران مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي مختلف ڳوٺن کان آيل علائقي واسين ۽ سانگھڙ کان غلام قادر ٽالپر، اقبال خان رند، پريس ڪلب جمال شاھ جي صدر علي گل مھر ، صحافي علي دوست خاصخيلي، سيد نجف شاھ، بابو شاھ، صحافي احسان جمالي، سيٺ نظير خاصخيلي ۽ ٻين ساڃاھ وندن شرڪت ڪئي، مچ ڪچھري ۾ سگھڙن لوڪ شاعري مان ڏور بيت ۽ شاھ ڀٽائي جي سر سھڻي جا بيت ٻڌائي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو، جڏھن ته لوڪ فنڪار رياض گورچاڻي صوفي راڳ ڳائي مچ ڪچھري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي خاص مھمان قادر ٽالپر مچ ڪچھري ۾ شريڪ ماڻھن سان مخاطب ٿيندي چيو ته مچ ڪچھريون اسان جي ثقافت جو حصو آهن، ۽ ماضي مچ ڪچھريون عام ھيون جتي ماڻھو ھڪٻئي سان تازا ۽ نوان حال احوال ڪندا هئا، ھن چيو ته مچ ڪچھري جي ثقافتي روايتن کي برقرار رکڻ گھرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.