مبارڪپور سميت ڀرپاسي گئس لوڊشيڊنگ وڌي وئي، احتجاج

مبارڪپور (رپورٽ : علي رضا ڀٽو )مبارڪپور جي آس پاس جي ڳوٺن ميرپور ٻرڙو ،راجهان پور،  ميان صاحب ۾ گيس جي بنا جواز جي گئس جي  لوڊ شيٽنگ  ڪري عوام کي تنگ ڪيو ويو آهي ،اهڙو اظهار مبارڪپور ۾ شيعه علماء ڪانوسل ،فرينڊز ڊولپ مينٽ آرگنائيزيشن ،پيپلز پارٽي  جي اڳواڻن ممتاز علي حسني ،علي رضا ڀٽو ،گسٽا ضلع  جو اڳواڻ سهيل احمد سوز ،مختيار احمد مهر ،حافظ عٽمان ڀٽو ،مختيار احمد ڀٽو، مير حسن ڀٽو ،ذوالفقار علي ڀٽو ، ۽ شهرين  شھر جي مسجد چوڪ وٽ احتجاج ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ گئس جي بنا سبب لوڊ شيٽنگ ڪري عوام کي تنگ ڪيو پيو وڃي . ،گئس جي لوڊشيٽنگ جي ڪري گهرن اندر رڌ پچاء بہ نٿا ڪري سگهون  نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن، هر مهيني اسان گئس جو بل ادا ڪندا رهو ٿا ان باوجود گئس 24 ڪلاڪن ۾ ٻہ وقت اچي ٿي جنهن جو بہ پريشر گهٽ هجي ٿو جنهن ڪري اسين بغير ناشتي جي گهرن کان پنهنجي ڪم ڪار تي وڃون ٿا اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو تہ گئس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هجڻ باوجود هتان جي ماڻهن کي  فراهم نٿي ڪئي پر ملڪ جي ٻين شهر ۾ گئس هر وقت موجود رهي ٿي ،پر اسان وٽ هٿرادو  گئس جي پريشر جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ،اسين وفاقي سرڪار کان مطالبو ٿا ڪيون تہ گئس جي هٿرادو لوڊ شيٽگ  ختم ڪري اسان مجهان بي چيني کي ختم ڪيو وڃي  ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.