سجاول ۾ رهتون ادا نه ٿيڻ خلاف ڪمند جي آبادگارن جو ڌرڻو

سجاول( رپورٽ امتياز علي سومرو)   سجاول جي ديوان ۽ لاڙ شگر ملز پاران آبادگارن کي ڪمند جي مد ۾ رھيل رھتون نه ڏيڻ خلاف ضلعي سجاول ۽ ٻين علائقن جي سوين آبادگارن حاجي عبدالغني ميمڻ مولوي انور سومرو جي اڳواڻي ۾ ديوان شگر ملز جي گيٽ اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي ڌرڻو ھنيو ويو انهي سلسلي ۾ آبادگارن جو چوڻ هو ته اسان شگر ملز کي ڪمند ڏيندا آھيون پر گذريل ڪجھ سالن کان ملز پاران صحيع ادائيگيون نه ڪرڻ سبب آبادگارن جا لاڙ ۽ ديوان شگر ملز ڏانهن ڪروڙين روپيه رھجي ويا آھن ھنن چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ به اسان  احتجاج ڪيو ھو ۽ ملز انتظاميه بقايا رقم ڏيڻ جا وعدا ڪيا  پر انهن تي عمل نه ڪيو ويو .جنهنڪري اسان ٻيهر احتجاج شروع ڪيو آھي ۽ اھو احتجاج رھتن جي ادائگي تائين جاري رھندو  ھوڏانهن آبادگارن سان ھمدردي طور مولانا راشد محمود سومرو پاران احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو ھو جنهنڪري جميعت علماء اسلام جا ڪارڪن پڻ آبادگارن سان گڏ احتجاج ۾ شامل هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.