سامارو ۾ اٽي جو من پسند اگهه مقرر، مسڪين بکن تي

سامارو  (رپورٽ: ڪيول سورماڻي  ) اٽي جي سرڪاري اگھ تي عمل نه ٿيو اٽو 2400 رپيا مڻ وڪرو ٿيڻ  لڳو پورهتن جون وايون بتال ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ،اٽي جي سرڪاري اگھ تي عمل نه ٿيڻ  خلاف پورهتن ، شھرين توڙي ڳوٺاڻن جو احتجاج تڪ جا چونڊيل نمائيندا ۽ لاڳاپيل انتظاميه اٽي جي سرڪاري اگھ تي عمل ڪرائي ٻچا بکن ۾ پاھ ٿيڻ کان بچائي شھرين ،پورهتن سميت ڳوٺاڻن تي رحم ڪن هن ڳاٽي ٽوڙ مانگهائي ۽ چيل چٻي ڪري ڇڏي آھي مٿان وري رهيل ڪسر فلور مل مالڪن ته پريون ڪري ڇڏيو . ڳوٺاڻن نظير شاهاڻي ،ايسر ميگهواڙ ،ڪارو ڪولهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اٽي جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿي سگهيو آھي.  تعلقي ساماري جي فلور مل مالڪن  پاران اٽو سرڪاري اگھ بدران هٿرادو ريٽ 60 رپيا ڪلو پيا وڪرو ڪن ڪل قيمت هڪ مڻ 24 سو رپيا مڻ ٿئي ٿي  پر هتي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ئي نه آھي جڏهن ته وڏي وزير پاران اٽي جي وڌندڙ اگھن کي مدنظر رکي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل نه ٿيو آھي ۽ واپاري پنھنجا مرضي جا اگھ وٺي رھيا آھن. سرڪاري نوٽيفڪيشن ۾ 42 روپيا اٽي جو في ڪلي جو اگھ ھجڻ باوجود سامارو شھر ۾ 55 کان 60 روپيا ڪلو ۽ ٻھراڙين ۾ 70 کان 75 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جيڪو عوام  سان ناانصافي آھي. اٽي جي مقرر اگھن تي عمل نه ٿيڻ ڪري سامارو واسي مجبورن چڪي مالڪن هٿان ٻنهي هٿن سان ڦرجي رهيا آھن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن تي اڃا تائين جون به نه چري آھي. ضلعي انتظاميه پڻ مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.