ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

ميھڙ ( ت ر ) عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان اڄ ٻارهين ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي  صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، ايڊووڪيٽ زين العابدين چانڊيو، رستم علي سرگاڻي، شفيق احمد خاصخيلي، آيتﷲ چانڊيو، صحبت علي چانڊيو، اعجاز علي مهيسر، امتياز علي سيال، عادل مهيسر، وقار علي لاشاري، ماجد علي مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج جاري امن ڏيو يا استعيفا ڏيو، ڦرون ڌاڙا نامنظور، شهري ڦرائڻ،شهري آزارڻ بند ڪريو، بند ڪريو، ٿاڻن تي ڀاٿاريون نامنظور جا زوردار نعرہ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ انتظاميه  ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي جيڪا شهر جي امن امان جي بهتري لاءِ ڪوبه تحرڪ ڪونه پئي وٺي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان ميهڙ تعلقي سميت دادو ضلعي جي بدامني ۽ ميهڙ انتظاميه جي خاموشي جو نوٽيس وٺي کين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،عوامي تحريڪ جي مسلسل هلندڙ جدوجهد دوران سڀاڻي تيرهين ڏينهن 14 جنوري خميس تي 12 وڳي راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽاگهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويندو جنهن ۾ ميھڙ تعلقي واسين کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.