ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مال جي چوري، ڀاڳيا پريشان، پوليس ستل

ڇاڇرو (رپورٽ:يعقوب بجير) ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ ڍورن جي چورين تہ ضابطو نه آيو، وڌيڪ 22 ٻڪريون چوري،چورن پوليس کي بخش نه ڪيو، سپاهي جي ڍڳي چوري،  ڀنگ ڀري ڍڳي واپس ڪرائي، ڀاڳيا پريشان  راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آهن ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ صاحبڏنو جي ڍاڻي جي رهواسي ڀاڳئي سليم پٽ مانجھي نهڙي جون ڏھ ٻڪريو گذريل رات چور ڪاهي ويا آهن، ڀاڳئي پاران چورن جي پيرن جا نشان ڍڪي حد کيمي جو پار پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس چورن خلاف ڪوبه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته ڏاھلي تعلقن جي ڳوٺ پيراڻي جي پار مان ڀاڳئي يعقوب جون 12 ٻڪريون چوري ٿي ويون آهن جنهن کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود  اڃا  ڪوبه پتو نه پيو آهي، بئي  پاسي ٻه هفتا اڳ ڇاڇرو جي ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي مان 12 چوري ٿيل ٻڪرين مان ڊيل تحت پوليس 8 ٻڪريون ڳوٺ ڪيتار مان هٿ ڪري ڀاڳئين حوالي ڪيون پر پوليس چورن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو جڏهن تہ  ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته  چور پوليس کان به  زورائتا بڻجي ويا آهن.   ڪجھ ڏينھن اڳ ڇاڇرو جي ڳوٺ سارنگهيار جي رهواسي هڪ پوليس  اهلڪار  جي ڍڳي چوري ٿي هئي جيڪا  پڇا بعفئد هڪ پاٿاريدار وٽ هٿ آئي جيڪا به پوليس اهلڪار  بااثر شخصيت جي ذريعي ڀنگ ڀري ڍڳي واپس ڪرائي ، جڏهن تہ ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ چورن خلاف پولیس اثرائتي ڪارروائي نه ڪرڻ سبب ڏينهون ڏينهن چوپائي مال جي چورين جو آزار وڌڻ سبب ڀاڳيا پريشان آهن، علائقي واسين ايس ايس پي ٿرپارڪر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو تہ ڇاڇرو ۽ ڏاھلي چورن جا ٽولا آهن مقامي پوليس جي خاموشي سبب ڀاڳيا ڀنگ ڀري چوري ٿيل ڍور چورن کان ڇڏائن ٿا چورن خلاف آپريشن ڪري علائقي کي چورين جي آزار کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.