موري ۾ بدامني وڌي وئي، چوريون ۽ ڦرون معمول

مورو (ن ع آ)درس ٿاڻي جي ڀرسان ڦورو ڏوھارين صحافي علي اڪبر ڪلھوڙو کان ھٿيارن جو زور تي روڪ رقم ڦر ڪئي، درس  ٿاڻي جي ڀرسان پڪٽ تي مقرر اھلڪار به قلم ڌڻي جو تحفظ نه ڪري سگھيا، صحافي علي اڪبر ڪلھوڙو درس روڊ کان موٽر سائيڪل تي  اچي رھيو ھو ته اوچتو اڇي ڪار ۾ 4 ڦورن سندس روڪي 9300 روڪ وقم ڦر ڪئي ۽ حق سچ لکڻ تان سندس کي خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ ۽ قتلن ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ۽ چپ رھڻ لائي چيو، ڦر ڪندڙ ڏوھاري جا چھرا کليل ھئا، سھائتي پريس ڪلب جا قلم ڌڻي درس ٿاڻي جي انتظاميا وٽ وفد جي صورت پھچي ويا، درس پوليس روايتي ڪردار ادا ڪندي اين سي داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي ڇڏيو، قلم ڌڻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦورو گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.