راضديري جي ڪچي ۾ گوليون هڻي نوجوان قتل

راضيديرو (ن ع آ ) راضيديرو جي ڪچي ۾ لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر جتوئي ۾  گوليون لڳڻ سبب 40 سالا  غلام عمر ولد نواب جتوئي قتل ٿي ويو.  لانڍيون پوليس گمس اسپتال گمبٽ مان  لاش جو پوسٽ مارٽم  ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي ماءُ جو چوڻ هو ته پٽ کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. پوليس موجب ته واقعي جي  وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.