ميان صاحب ۾ نينگر بيگاري ڪينال ۾ ڪري ٻڏي فوت

ميان صاحب (رپورٽ مظفر ملڪ ) ميان صاحب ۾ المصطفيٰ پمپ ڀرسان بيگاري ڪئنال جي پراڻي پل تان راند ڪندي 6 سالن جو  معصوم نينگر ڪري ٻڏي ويو ، وارثن ۽ مقامي ٽوٻن پاران ڳولا جاري ، واقعي جي خبر پوڻ تي سوين شھري ۽ ماڻھون پل تي گڏجي ويا ، نينگر جي ڏاڏي وارث عورتون واقعي واري هنڌ قرآن پاڪ کڻي رب کي ٻاڏائيندي رھيون ، گھر ۾ ڪھرام متل ، امڙ کي بيھوشي جا دؤرا ، اطلاع باوجود انتظاميا سرڪاري ٽوٻا نہ پھتا ، ماحول سوڳوار ، تفصيل موجب : ميان صاحب ۾ المصطفي پئٽرول پمپ لڳ بيگاري ڪئنال جي پراڻي پل تي ڳوٺ محسن شاه جا رهواسي ڪجھ ٻارڙا ڳوٺ ويندي پل تي راند ڪري رهيا هئا تہ هڪ 6 ورهين جو  معصوم ٻارڙو  ابرار پٽ عابد علي اوٺو اوچتو ڪري پيو جنهن تي هو ٻڏي ويو ٿڏي تي پل تي بيٺل تارو نوجوانن معصوم ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ ٽپو ڏئي ڳولا ڪئي پر ٻڏي ويل ٻارڙو ملي نہ سگھيو معصوم ٻارڙي جي ٻڏي وڃڻ جي خبر  علائقي ۾ ڦهلجي وئي جنهن تي سوين ماڻهون بيگاري ڪئنال جي پل تي پهچي ويا.  جڏهن تہ ٻارڙي جي ڳولا ڪجھ پنهنجا وارث  ۽ مقامي ٽوٻا پاڻي ۾ لهي ڪري رهيا هئا پر ڪيترن ڪلاڪن تائين ڳولا باوجود ٻارڙي جو لاش هٿ نہ اچي سگهيو آهي معصوم ٻارڙي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي سندس امڙ کي بيھوشي جا دؤرا پوڻ لڳا ھوڏانھن ٻارڙي جي ڏاڏي ۽ وارث عورتون پاڪ ڪتاب کڻي واقعي واري هنڌ پهچي ويون جيڪي  ٻارڙي جي ڳولا لاء دعائون ڪري رهيو هيون آخري اطلائن تائين ٻڏي ويل ٻارڙي هٿ نہ اچي سگهيو آهي نہ ئي انتظاميا ۽ سرڪاري ٽوٻا واقعي واري هنڌ پھچي سگھيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.