سڪرنڊ ۾ تحقيقي اداري جي امڪاني بندش خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ۾ ڪڻڪ جي تحقيقي اداري جي زمين تي بينظير بستي اڏڻ خلاف سڪرنڊ جي آل پارٽيز الائنس پاران فلڪ شير اوڏ جي اڳواڻي ۾ اداري کي بند ڪرڻ خلاف ڪڻڪ جي اداري جي  آفيس کان هڪ ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪڍي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي فلڪ شير ، ڄام اسلم ڪوريجو ، ايس ٽي پي عبدالقادر جيلاني ، مسلم ن جي امجد خانزاده ، سنڌ سارگا جي مرڪزي صدر محمد ملوڪ اڄڻ ، پي ٽي آئي جي نثار احمد پرهياڙ ، جسقم جي مسعود شاهه ، خير محمد لاکو ،.جي يو آئي جي عبدالرشيد پرهياڙ ، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفيٰ مگسي ، سنڌ سجاڳ جو مجيد عباسي ، محافظ سڪرنڊ جو نعيم انصاري ، جقسم آريسر جي عثمان ٻنڀ پنهنجي الڳ الڳ خطاب ۾ چيو ته ڪيڏي نه بد قسمتيءَ جي ڳالھ آهي جو سنڌ کي لاڀ ڏيندڙ اداري کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  اهو به محترمه بينظير جي نالي سان جڏھن ته بينظير ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ادارا جوڙيا هئا هنن چيو ته اسين بينظير بستي جا مخالفت ناهيون اختلاف صرف هن اداري جي ختم ٿيڻ تي آهي بينظير بستي ڪنهن ٻئي هنڌ ڀلي جوڙي وڃي بلڪه انهن ڀوتارن جي زمينن تي جوڙي وڃي جيڪي سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪيو ويٺا آهن ان ڪري اڄ هي اسان جي پهرين مرحلي جو احتجاج آهي مسئلو حل نه ٿيو ته باقاعده تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا بينظير بستي جي ستين فارم جي ڪينسل شپ تائين جاري رهندي ڌرڻي ۾ سجاد ڀٽي، ڪمال مغل ، ايوب کوسو ، حسين بخش ڪيريو ، شوڪت ميمڻ ، قلندر بخش ملاح ، خرم خانزاده ، گل مگسي سميت ڪيترن ئي تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ويٽ ريسرچ انسٽيٽويٽ جي ملازمن پڻ شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.