مٺي لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 15 گهر سڙي رک

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي جي ڳوٺ هوٿيئر ۾ اوچتو باھ لڳي وئي،جيڪا رات ڌير تائين جاري هئي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو هو،آخري  مليل رپورٽن موجب ته باھ سبب 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا هئا،باھ جاري هئي،فائر برگيڊ عملو وقت سر پهچي نه سگهيو هو،جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائڻ ۾ رڌل هئا،نائي برادري جي هڪ گهر کي لڳل باھ سڄي پاڙي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو،جنهن سبب 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي چڪا هئا،مٺي شھر کان 10 ڪلوميٽر مفاصلي تي ڳوٺ هوٿيئر هجڻ باوجود فائربرگيڊ گاڏي ٽائيم تي نه پهتي هئي،باھ سبب وڏي نقصان جو خدشو ٻُڌايو پئي ويو،ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ ۾ رڌل هئا،گهرن اندر پيل سمورو الھ تلھ سڙي رک ٿي چڪو هو،متاثرين سخت سيءُ ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.