شهدادپور ۾ 3 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکن جي چوري، واپارين جو احتجاج

شهدادپور (ن ع آ)شھدادپور ۾ بدامني برقرار هڪ رات 3  وارداتون  شهر جي مائي سهڻي جي علائقي مان  خاصخيلي ميڊيڪل اسٽور جا تالا ٽوڙي چور دڪان مان 45هزار ڪيش لوڊنگ جا موبائيل فون  جنهن ۾ بيلنس 15هزار موجود هئا دڪاندار ممتاز خاصخيلي موجب ته رات دير سان چور دڪان جا تالا ٽوڙي 45هزار ڪيش رقم ۽ بيلنس وارا موبائيل جنهن 15هزار جو بيلنس موجود آھي کڻي فرار ٿي ويا آھن جن خلاف شھدادپور ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آھي.هوڏانهن مائي سهڻي جي ڪرنانه دڪان سفير بهٽي جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان مان اٽو گيھ کنڊ پتي سميت ٻيو قمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آھي اهڙي رپورٽ سفير ڀٽي جي فرياد تي شھدادپور ٿاڻي تي درج ڪرائي وئي آھي. ٽئين واقعي ۾ لانڍي اسٽاپ تي هيمن داس جي جيلاني ڪريانه مرچنٽ جا ڪنڊا ٽوڙي هڪ لک نقد ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا واضع رهي ته شھدادپور ۾ ٻن ڏينهن اندر 8چوري جي وارداتن سبب  شھرين ۾ خوف حراس ڇانيل آھي ۽ پوليس تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي. ٻي پاسي بدامني خلاف واپارين عاقل وساڻ  حاجي قيوم قريشي دستگير قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو۽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيوته شھدادپورشھر ۾ چوريون فرون روز جو معمول بڻيل آھن پوليس چورن فورن  خلاف قدم کڻڻ بجاء خاموش بئڻيل آھي هنن چيو ته شھر ۾ روز وارداتن ۾ اضافو اچڻ باوجود پوليس ننڊ ۾ ستل آھي ان ڪري ڪاروباري تبقو سخت پريشان آھي ان  ڪري اڄ اسين روڊن تي نڪري پيا آھيون پوليس چورن فورن خلاف خلاف قدم نه کنيو ته اسين دما دم مست قلندر ڪنداسين ان موقعي تي واپارين سخت نعري بازي ڪئي بعد ۾ ڊي ايس پي شھدادپور عطا محمد ڏاهري واپاري وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ واپارين کي يقين ڏياريون ته پوليس جوابدارن خلاف جوڳا قدم کڻندي ان موقعي تي  صحافين سان  ڳالهائيندي ڊي ايس پي شھدادپور عطامحمد ڏاهري چيوته پوليس عوام جي جان مال جي محافظ آھي شھر۾ ٿيندڙ واردتن ۾ ملوث جوابدارن  کي جلد سوگهو ڪبو هن چيوته هي شھر منهنجو پنهنجو آھي عوام جا خادم ٿي انهن جي جان مال جي حفاظت ڪبي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.