ميرپورساڪرو ۾ غير قانوني ڄاڻائي 2 پمپ بند

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ) ڪسٽم آفيسر طالب حسين ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو سجاد حسين ابڙو ڊي ايس پي قادر بخش  خاصخيلي ، ۽ اوگرا پاران ساڪري ۾ قائم شڪيل فلنگ اسٽيشن ،اقبال  فلنگ اسٽيشن ، کي غير قانوني ڄاڻائي سيل ڪري ڇڏيو انهي موقعي تي اي سي ساڪرو سجاد ابڙو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته  هتي ھلندڙ پيٽرول پمپن جي مالڪان وٽ اين او سي نه هئڻ ڪري وفاقي حڪومت جي  حڪم تي سيل ڪيا ويا آھين انهن پمپن تي  غير معياري  تيل سان گاڏين سميت انساني جانين لاء به نقصانڪار آھي.   ڪنهن کي غير قانوني طور تي پيٽرول ڊيزل کپائڻ جي اجازت نه ڏبي  ذريعن موجب اهي پيٽرول پمپ جي آڙ ۾  غير قانوني طور تي يونٽ هنيا ويا جيڪي صرف ۽ صرف پنهجي گاڏين تائين تيل ڀري استعمال ڪري سگهن ٿا پر ملي ڀگت ذريعي عوام جي استعمال۾  ٿيندڙ  گاڏين موٽر سائيڪلن ۽ عام گاڏين جي استعمال لاء  پيٽرول ۽ ڊيزل کپايو ٿو وڃن جنهن سبب پمپن جي ماپ ۾ وڏي پيماني تي هيرا ڦيري پڻ ڪئي ويندي آھي ياد رهي ته هر مهيني انهن پيٽرول پمپن جي يونٽن کي سيل ڪيو ويندو آھي ڏيتي ليتي بعد ڪجھ ڪلاڪن جي اندر ٻيهر کلي ويندا آھين جنهن جو عذاب عوام کي ڀوڳڻو پوندو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.