شادي لارج لڳ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، پمپ سيل

شادي لارج  ( ن ع آ ) ايف آءِ  اي ٽيم کوسڪي پوليس ۽ روينيو عملدا ساڻ غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪندي شادي لارج  باءِ پاس تي قائم چيمه پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ايف آءِ  اي ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ ڊپٽي سپريڊنٽ ايف آءِ  اي اسلام آباد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم پاڪستان جي حڪم تحت سڄي ملڪ ۾ هلندڙ غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف هلندڙ مهم جي سلسلي ۾ هتي ڪارروائي ڪئي آهي مذڪوره پيٽرول پمپ وارن وٽ اوگرا پاران جاري ڪيل لائيسنس نه آهي ايف آئي اي ٽيم پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ بعد هڪ هفتي اندر اوگرا جو لائسنس پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ٻئي طرف طرف پمپ مالڪن جو چوڻ آهي ته اوگرا پاران اسان وٽ لائيسنس ۽ تڏهن ڪمپني پاران پيٽرول سپلاءِ ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.