گهوٽڪي ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ تي بااثر ڏمرجي پيو، سماجي اڳواڻ جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر )گهوٽڪي واسي انسان دوست مولابخش لولائي پريس ڪلب پهچي پنهنجي درد ڀريون داستان صحافين کي ٻڌائيندي چيو آهي ته گهوٽڪي لڳ آندل سندراڻي ٿاڻي جي ڳوٺ هزارو لولائي ۾ مان ٻارن  کي هٿيار کڻڻ بدران قلم ڏيڻ لاءِ هڪ اين جي اوز ذريعي اسڪول کولرايو آهي، جنهن بعد علائقي جا وڏيرا ۽ بااثر ڏمرجي منهنجي ڀاءُ تي ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻندي اسان مٿان 16 لک ۽ منهنجي معصوم 9 سالن جي نياڻي بختاور کي سگُ جي فتوا ٻڌائي آهي، اهڙي واقعي جو ايس ايس پي گهوٽڪي پڻ نوٽيس ورتو، هن چيو ته هاڻ بااثر جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هاڻ مان ۽ منهنجا ٻچا دربدر واري زندگي گذارن پيا. هنن منهنجي 47 جريب کان مٿي زمين ۽ گهر تي پڻ قبضو ڪيو آهي ۽ هو مونکي موت مار ڌمڪيون پيا ڏين،.  هن چيف جسٽس ۽ سيشن جج سميت انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته خدارا بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مونکي انصاف ڏياري ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.