ڀرياسٽي ويجهو نينگر سان مبينا اجتمائي بدفعلي وارو معاملو، ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار

ڀرياسٽي (ن ع آ) ھڪ ڏھاڙو اڳ ڀريا سٽي ويجهو  ڳوٺ منگي ۾ 17 سالا نينگر ساجد نائچ پٽ محمد نائچ سان ٿيل مبينا   اجتمائي بدفعلي جو ڪيس ڀريا سٽي ٿاڻي تي گناھ نمبر 3.2021 قلم 377 پي پي سي تحت  3 سڃاتل امجد علي نائچ ، حضور بخش نائڄ ، وسيم نائچ ۽ هڪ اڻڄاتل خلاف  متاثر ٿيل نينگر ساجد نائچ  جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ۔ جڏهن پوليس ڳوٺ منگي  ۾ ڇاپا هڻي ٻن جوابدارن حضور بخش نائچ ۽ امجد نائچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۔ پوليس موجب گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن کي   سڀاڻي  عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو ، يادرهي گذريل ڏينهن نينگر ساجد نائچ ٿاڻي تي دانهيو هو ته جوابدارن ساڻس سان بد فعلي ڪئي آهي، جڏهن نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ بعد جزا ڄام شورو ليبارٽي موڪليا ويا آهن.

ڳڙهي حسن ويجهو موٽر سائيڪل ڦر۽ مينهن چوري

ڳڙهي حسن( ن ع آ) ڳڙهي حسن سب ڊويزن جي ٻن ٿاڻن ڪريم بخش ٿاڻي جي حدود ويجهو پرويز کوسو لاڙو وٽ ٽن نا معلوم  هثياربندن زاهد حسين کوسو جي رهواسي پورهيو ڪندڙ عالم نصيراڻي کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦري ويا پورهيت رائس مل کان مزدوري ڪري واپس گهر وڃي رهيوهوته ٽي هٿيار بند پهريان هن جي تاڙ ۾ ويٺل هيا ٻئي پاسي آرڊي 52 ثاڻي جي حدوود  ڳوٺ ولي ۾حمد کوسو۾ چورن زميندار محمد يعقوب کوسو جي گهر کي کاٽ هڻي لکين روپين جي ڀلوڙ مينهن وڇ  سميت ڪاهي ويا  مينهن جا پيرا جمن شاهه ويجهو گم ياد رهي ته ڳڙهي حسن سب ڊويزن جي ڇهن ٿاڻن جي حدودو ۾ڦر ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويا  علائقي واسين محمد يونس کوسو.محمد يعقوب .يوسف کوسو ۽ ٻين ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ٿا ڪن ته پوليس نفري وڌائي امن امان فوري بحال ڪرائي علائقي واسين جو بيچيني ختم ڪيو.

ريتي ڀرسان مسجد مان 4 سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري

ريتي (ت ر) ريتي ڀر سان کينجهو ٿاڻي جي حد گلاب چوڪ ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو،  گذريل رات جامع مسجد  مان  چار عدد سولر  پليٽون ٻه بيٽريون چور مسجد شريف جا تالا ٽوڙي چورائي ويا، گلاب چوڪ جي دڪاندارن احتجاج ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته راشي پوليس چوڪي انچارج کي هٽائي، ڪو فرض شناس چوڪي انچارج مقرر ڪي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.