حيات پتافي ۾ بنا جواز ايس ايڇ او جو پورهيت تي تشدد، گرفتار، ڏيتي ليتي بعد آزاد

حيات پتافي / داد لغاري(نمائندن وٽان) حيات پتافي لڳ يارو لنڊ ٿاڻي جو ايس ايڇ او اربيلو سميجو طرفان سائيڊ نه ڏيڻ تي پورهيت  صحبت لاشاري مٿان ڪڙڪي پيو ۽ وچ شهر ۾ تشدد جو نشانو بڻائندي پورهيت کي گهليندي موبائل ۾ وجهي ٿاڻي تي وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جنهن بعد ايس ايڇ او پورهيت نوجوان صحبت لاشاري کي ٻه ڪلاڪ لاڪپ ڪرڻ کان پوءِ گهر جي سودي لاءِ جيب ۾ پيل 5000 روپيه کسڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.  ايس ايڇ او جي اهڙي عمل خلاف پورهيت صحبت لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته مان دڪان تي سودو وٺي رهيو هئس ته ايس ايڇ او موبائيل مان لهي اچي بنا جواز جي مونکي گرفتار ڪري مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ گهليندي موبائيل ۾ وجهي ٿاڻي تي کڻي وڃي لاڪپ ڪري ڇڏيو ٻه ڪلاڪ مسلسل بنا ڪنهن سبب جي لاڪ اپ ڪرڻ بعد منهنجي جيب مان سودي لاءِ پيل 5000 هزار روپيه ڪڍي مونکي ڇڏي ڏنو. هن ايس ايس پي گهوٽڪي سميت اعلي آفيسرن کان گهر ڪئي ته راشي ايس ايڇ او يارولنڊ کي فوري طور هٽائي انصاف ڪيو وڃي.

ميرپورماٿيلي ۾ چوري جون 2 وارداتون، پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان قائم نه ٿي سگھيو آھي،چوپائي مال،گاڏين ۽ روڪ رقم جون چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آھن،جڏھن ته پوليس چورين  ۽ ڦرن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي،ان سلسلي ۾ گذريل رات به ميرپورماٿيلو مان چوري جون ٻه وارداتون ٿيون آھن، چور ڳوٺ قبول خان گڏاڻي مان پورھيت مٺل گڏڻي جي گھران 4 ٻڪريون چوري ڪري ويا،ان کان علاوھه شھر جي ڊگري ڪاليج لڳ چور ڪانٽريڪٽر مزدور يونين جي آفيس جا تالا ڀڃي ليپ ٽاپ،ڪمپيوٽر ۽ ايل سي ڊي سميت ٻيو سامان چوري ڪري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.