ڊگهِڙي لڳ چوپائي مال جي واڙي کي باهه، فائر برگيڊ پهچي ضابطو آندو

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي شهر ۾ پي پي ايڇ آئي جي آفيس ڀرسان غلام محمد ڪپري جي چوپائي مال جي واڙي ۾ اوچتو باھ لڳي وئي واڙي جي مالڪ موجب واڙو خالي پيل هو جنهنڪري ڪوبه نقصان وغيره ناهي ٿيو فائربرگيڊ جي گاڏين پهچي باھ تي ظابطو آندو

ميان صاحب ڀرسان  ڳوٺاڻي جون 3 مينھون چوري

ميان صاحب (ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ بخشل ڪيھر مان ڳوٺاڻي مير محمد جي گھر ۾ چوري جي واردات ، نامعلوم ھٿياربند ڳوٺاڻي جون 3 مينھون چوري  ڪري فرار ، پوليس پھتي ، پيرا خانپور فيضو لاڙي طرف گم ، 6 شڪي گرفتار، تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ريلوي لائن لڳ ڳوٺ بخشل ڪيھر مان ڳوٺاڻي مير محمد ڪيھر جي گھر مان نامعلوم ھٿياربند 3 ڀلوڙ مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا ڀاڳين سڄاڳ ٿيڻ تي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس پھچڻ بعد ڀاڳين سان گڏجي چورن جا پيرا کنيا جيڪي پوليس موجب خانپور جي علائقي فيضو لاڙي طرف گم ٿي ويا جنھن بعد پوليس  ڀاڳين سميت واپس موٽي آئي اطلاع موجب پوليس ڪاروائي ڪري 6 شڪي ماڻھون گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.