لاڙڪاڻي ڊويزن جي پوليس جون ڪارروايون، 133 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفتاب ناصر جي هدايتن تي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي پوليس 24 ڪلاڪن دوران مقابلن ۽  ڏوهاري خلاف ڇاپن ۾ 133 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري اهڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي آءِ جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب گرفتار ڏوهارين ۾ 40 اشتهاري، 90 روپوش ۽ 3 سرگرم ڏوهاري شامل آهن جن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري لاڳاپيل ٿاڻن تي اهڙا ڪيس داخل ڪري جاري شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ڏوهارين خلاف جاري ڪاروائين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.