هالاڻي ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، وارداتون ٿيڻ معمول، پوليس ننڊ، احتجاج

هالاڻي (رپورٽ: اعجاز خاصخيلي)هالاڻي-محرابپور لنڪ روڊ تان ڏينهن ڏٺي جو حافظ شبير منڱريو کان نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺ دين محمد بروهي ۾ چورن کاٽ هڻي گهر  اندر داخل ٿيا تہ ڀاڳين کي سڄاڳي ٿيڻ تي چورن ۽ ڀاڳين ۾ مقابلو فائرنگ جي آواز سبب آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو پهچڻ تي ڀاڳين 2 چور پڪڙي پوليس حوالي ڪيا جانورن جي اسپتال ڀرسان ممتاز هاليپوٽو جي گهر مان ٻڪريون چور چوري ڪرڻ لڳا ته گهر ڀاتين کي سڄاڳي ٿي پئي چور ڀڃڻ لڳا ته ڀاڳين چورن جو پيڇو ڪري ٻن چورن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو پر هالاڻي پوليس انهن چورن کي چالان ڪرڻ بدران پئسن عيوض آزاد ڪري ڇڏيو محراب مسجد جو ٽرانسفارمر  جون ڪوائلون چور چوري ڪري ويا هالاڻي جي مختلف 4 مسجدن مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون نامعلوم چور چوري ڪري ويا شهرين يعقوب سولنگي ، بدرالدين هاليپوٽو ، ايوب سولنگي ، دلاور گاڏهي ، مسعود سهتو ۽ ٻين منڊيا آڏو ڌاهيندي چيو تہ هالاڻي پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي پوليس چورن ۽ ڦورن سان ٻٽ بيٺل آهي اسان سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون . هنن ڊي آئي جي شهيد بنظير آباد کان مطالبو ڪيو ته هالاڻي ٿاڻي تي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري بدامني کي ٻجو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.