سيد سنڌين کي قوم هئڻ جي ساڃاهه ڏني:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جو تاريخي ڪارنامو هيءَ آهي  ته هن سنڌين کي پنهنجي قومي تشخص کان آگاهه ڪيو۔ جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي قوم پاڻ کي سڃاتو ۽ پنهنجي وطن، تهذيب، تمدن، تاريخ،  ثقافت ۽ قومي وجود تي فخر ڪرڻ لڳي. سنڌي قوم سيد جي سياست ۽ فڪر کي پنهنجو ڪندي ته مستقبل بچائي سگهندي. سيد جي فڪر تي عمل ڪري ئي سنڌي پنهنجي وطن جا مالڪ ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سن جي صحافين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سائين جي ايم سيد جي ١١٧هين سالگرهه سن ۾ ملهائي ويندي ۽ سيد جي مزار جي پيراندي کان جلسو ڪيو ويندو. سيد  جو جنم ڏڻ سنڌ جو قومي ڏينهن آهي. ان ڏينهن تي سڀ وکون سن ڏانهن هونديون. ٻئي پاسي جاري ڪيل بيان ۾ نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته عمران حڪومت مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان ٿي وئي آهي، زندگي گذارڻ ڏکي ٿي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سڄو سماج انتشار، افراتفري ۽ ويڳاڻپ جي ور چڙھي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.